راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سيزن فور جي فاتح ٽيم ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي هيڊ ڪوچ معين خان ڪپتان سرفراز احمد کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. لاڳيتو چوٿين سال ايونٽ جي پلي آف مرحلي ۾ ڪواليفاءِ نه ڪرڻ تي هيڊ ڪوچ معين خان سرفراز احمد تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لاڳيتو ٻن سالن کان پاڪستان جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ ڪم بيڪ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هن کي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ تيز کيڏڻو پوندو ڇو ته رضوان پنهنجي پوزيشن تقريبن پڪي ڪري ورتي آهي. هن اعتراف ڪيو ته ملتان سلطان لاءِ جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندڙ رلي روسو کي رليز ڪرڻ به وڏي غلطي هئي، جنهن جو مونکي افسوس آهي.