ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ مشهور ڪمنٽيٽر رميز راجا قومي ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان هلندڙ چوٻولن جي حوالي سان چيو آهي ته بابراعظم، شاهين شاهه آفريدي ۽ شاداب خان پاڪستان جا اهم ترين رانديگر آهن، افسوس آهي ته بابر، شاداب ۽ شاهين ڪپتاني جي جنگ ۾ آمهون سامهون آهن. اڳوڻي چيئرمين رميز راجا وڌيڪ چيو ته ڪپتاني جي جنگ سان ڊريسنگ روم جو ماحول خراب ٿيندو آهي، بابراعظم جي وائٽ بال ۾ بڻيل ٽيم تي به اثر پوندو. هن چيو ته پي سي بي ماضيءَ مان سبق سکي، 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪپتاني جي افواهن سان پاڪستان ڪرڪيٽ تباهه ٿي وئي هئي.