نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) مست هاٿي شادي ڦٽائي ڇڏي، گهوٽ ۽ ڄاڃين جو کڙين تي زور، ڀارت ۾ شادي جي تقريب ۾ ڄڃ لاءِ هاٿي ۽ گهوڙن جو استعمال عام ڳالهه آهي پر اهو ئي هاٿي شادي جي تقريب ۾ مست ٿي پوي ته گهڻو ڪجهه غلط ٿي ويندو آهي. ڀارتي ميڊيا تازو ئي اترپرديش ۾ هڪ واقعو رپورٽ ڪيو آهي، جنهن جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ آنند ترپاٺي ڄڃ سان گڏ شادي جي تقريب ۾ پهتو جنهن ۾ هاٿي ۽ گهوڙا به شامل هئا، چڄڃ جي پهچڻ تي ڦٽاڪا ڦاڙي ڌماڪا ڪيا ويا، انهن ڌماڪن جي آواز تي هاٿي ٽهي ويو ۽ وٺي ڀڳو، پر گهوٽ اڃا بگي مان لٿو ئي نه هو ۽ ڄڃ ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. هاٿي شادي جو پنڊال اکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن ڄڃ سان آيل 4 گاڏيون به ڪلٽي ڪري ڇڏيون. پاڻ بچائڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڄاڃين کڙين تي زور رکيو ۽ ڀڄي جان بچائي.