ايئروناٽيڪل انجنيئر جهازن تي ڪم ڪرڻ بدران ڪراچي ۾ شربت وڪڻڻ تي مجبور!

0
529

ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) چانهه وڪڻندڙ شخص جيڪڏهن پڙهي ڊپٽي ڪمشنر يا وزيراعظم ٿي وڃي ته ان کي نظام جي خوبي سڏيو وڃي ٿو ۽ اها خوبي سڀني کي سٺي لڳندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو انجنيئر هنداڻي جو شربت وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ته اها ئي تبديلي سواليا نشان بڻجي ويندي آهي. ڪراچي سان واسطو رکندڙ ايئرو ناٽيڪل انجنيئر عبدالملڪ جي تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ سفري دستاويزن تي نظر رکجي ته اهي اهڙا آهن جو کيس هٿو هٿ کنيو وڃي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. عبدالملڪ عرب امارات ۾ تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته هن ايئرو ناٽيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري چين جي يونيورسٽي مان حالص ڪئي، سوات سان واسطو رکندڙ عبدالملڪ سٺي مستقبل جو خواب کڻي پاڪستان آيو، ايئرو ناٽيڪل ڪامپليڪس ڪامره ۾ انٽرنشپ ڪئي، پشاور فلائنگ ڪلب ۾ ٽريني انجنيئر ۽ هڪ نجي ايئرلائن ۾ اسسٽنٽ ريمپ آفيسر طور ڪم ڪيو، پر پوءِ به کيس سندس اهليت موجب نه عهدو مليو ۽ نه ئي پگهار ئي ملي سگهيو. هن ٻڌايو ته جڏهن 20 کان 25 هزار رپين ۾ گهر جو گاڏو گهلڻ ممڪن نه رهيو ته بهتر روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي هليو آيس ۽ جوس وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيم. عبدالملڪ پشتو، اردو، انگريزي، عربي ۽ چيني ٻوليون ڳالهائي ٿو پر سندس سمجهه ۾ اڃا تائين اهو ناهي آيو ته هو لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجو مسئلو ڪهڙي ٻولي ۾ سمجهائي.