برطانيا جي راڻي ڇري بدران ابتي تلوار سان ڪيڪ ڪاٽي ڇڏيو

0
389

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي شاهي خاندان جي سربراهه راڻي ايلزبيٿ جي غيرمعمولي انداز ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، تازو ئي راڻي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس ڇري بدران تلوار سان ڪيڪ ڪاٽيندي ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا موجب راڻي ڏاکڻي شهر ڪورنوال ۾ جي سيون ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ سندس گهرواري جل بائيڊن سان ملاقات به ڪئي. ان تقريب ۾ روايتي طورر تي ڪيڪ ڪاٽيو ويندو آهي پر راڻي ان رسم کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪيڪ ڇري بدران تلوار سان ڪاٽڻ جو ضد ڪيو. وڊيو ۾ راڻي سان گڏ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن ۽ سندس ننهن ڪارنوال ڪاميلا کي به ڏسي سگهجي ٿو. گارڊ راڻي کي تلواز پيش ڪئي ته پهرين راڻي ابتي تلوار سان ڪيٽ ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڪيٽ مڊلٽن سميت اجلاس ۾ شريڪ ماڻهو کلندا رهيا. پوءِ ڪاميلا راڻي کي چاقو ياد ڏياريون جنهن تي راڻي چيو ته مون کي خبر آهي ته چاقو ب موجود آهي پر راڻي ڪاميلا جي مدد سان ابتي تلوار سان ئي ڪيڪ ڪاٽيو.