ڀارتي فوج جو آزاد ڪشمير ۾ دھشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ من گھڙت آھي: آءِ ايس پي آر

0
289
بلوچستان ۾ دھشگردن جو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ڀارت جي اعليٰ آفيسر طرفان آزاد ڄمون ڪشمير ۾ دھشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ کي رد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آھي

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران ڀارتي فوجي آفيسرز جي بيان تي رد عمل ڏنو ويو آھي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج پنهنجي سياسي آقائن جي چونڊ مهم لاءِ غير ذميواراڻي بيان بازيءَ پئي ڪري

نام نہاد دہشتگردوں کے لانچ پیڈ کا من گھڑت دعویٰ بھارتی مسلح افواج کی پروپیگنڈا سوچ کا مظہر ہے: پاک فوج۔ فوٹو فائل

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي فوج غير ذميواراڻن بيانن کان پاسو ڪري، آزاد ڄمون ڪشمير بابت ڀارتي فوجي آفيسر جو بيان بي بنياد آهي، پاڪ فوج هر قسم جي پروپئگنڊا کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ حق خود اراديت جي جدوجھد کي چٿڻ ۾ مصروف آھي، ڀارتي فوج بي گناھ ۽ ھٿين خالي ڪشميرين خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان ھٽائڻ جي لاءِ اھڙي طرح جا بيان ڏئي رھي آھي

ھي به پڙھندا

جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو