شهيد پوليس آفيسرز جو پلاند وٺي ڇڏيو، عوام فيصلو ڪري ته اُنهن جا هيروز ڌاڙيل آهن يا پوليس آفيسرز: ايس ايس پي تنوير تنيو

0
514

ڪراچي: ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو چيو آهي ته رائونتي جي ڪچي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل حاڪم عرف حاڪو شر 5 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو

ٽائيم نيوز جي ٽاپ اسٽوري ۾ ڳالهائيندي ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته ڌاڙيل سان گڏ مارجي ويل آغو شر ڌاڙيل هو يا نه ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون

ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته حاڪم شر مٿان 50 لک رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو

ايس ايس پي چيو ته عوام فيصلو ڪري ته هنن جا هيروز ڌاڙيل آهن يا پوليس آفيسرز، شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ۽ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي وارثن جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، پوليس ۾ ڪي به ڪاريون رڍون نه آهن

ھي به پڙھندا

رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، انعام يافته ڏوهاري سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا