سڊني(اسپورٽس نيوز) مشهور ڀارتي صحافي ۽ ڪمنٽيٽر هرشا ڀوگلي پاڪستان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث جي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار شروعات تي هن جي تعريف ڪئي آهي. هرشا ڀوگلي محمد حارث جي تعريف ۾ ٽوئٽ ڪيو ۽ لکيو ته حارث ورلڊ ڪپ کي پنهنجي پي ايس ايل انداز ۾ کيڏي رهيو آهي. هڪ ٽوئٽ ۾ هرشا ڀوگلي لکيو ته اوهان بهادري سان جيئندا آهيو ۽ بهادري سان ئي مرندا آهيو، حارث پاڪستان جي هڪ سٺي سليڪشن آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر رويچندرن ايشون به محمد حارث جي تعريف ڪندي ٽوئٽر تي لکيو ته محمد حارث رڳو 5 بالن تي بهترين راند پيش ڪئي. واضح رهي ته محمد حارث کي فخر زمان جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو هن 11 بالن 28 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏي جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا.