سڊني(اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 33 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعطم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنز ٺاهيون. شاداب خان 22 بالن تي 52 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، افتخار احمد 51، محمد حارث ۽ محمد نواز 28-28 رنز ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان انرچ نورٽجي 4، وين پارنيل، ڪگيسو ربادا، لنگي اينگڊي ۽ تبريز شمسي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڏکڻ آفريڪا جي اننگ شروع ٿيڻ سان ئي برسات شروع ٿي وئي جنهن سبب ميچ روڪڻي پئي ۽ پوءِ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت ڏکڻ آفريڪا کي 14 اوورن ۾ 142 رنز جو هدف مليو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم 14 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 108 رنز ٺاهي سگهي. ٽيمبا بوما 36 ۽ ايڊن مارڪرم 20 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، شاداب خان 2، نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاداب خان کي آل رائونڊ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.