اشو آف دي ڊي … شهناز انصاري جي خون سان انصاف نه ٿيو؟ سماج کي ڪهڙو پيغام ملندو ؟ نياڻي جي دانهن واري وڊيو وائرل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
257

 پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد سندس نياڻي پاران عدالت ٻاهران دانهون ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، عدالتي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريا ويا، جسٽس فار شهيد شهناز ايم پي اي ٽرينڊ هلايو ويو، شهناز انصاري جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اکين سان ماءُ کي قاتلن ھٿان قتل ٿيندي ڏسندڙ نياڻيون فيصلو قبول ڪيئن ڪنديون؟ اڄ سچ کي گھٽو ڏئي ماريو ويو، ڪوڙ سر خرو ٿي ويو، انڌي ۽ ٻوڙي انصاف واري نظام خلاف ھي آھون ۽ دانھون نوشهرو فيروز ۾ قتل ڪيل ايم پي اي شهناز انصاري جي نياڻين جون آهن جن عدالتي فيصلو قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻڌايو ڪمزور ايف آءِ آر ڪنهن جَي چوڻ تي ۽ ڇو ڪَٽِي وئي! قاتلن کان زمين خريد ڪري اهم موقعي تي کين طاقت ڪنهن بخشي؟  ان وحشتناڪ قتل تي اوهان اکٻوٽ ڇو ڪئي…؟ ويچاري نياڻي ڊاڪٽر فاطمه پوڻا ٽي سال ڪهڙي ڪهڙي دَر تي نه وئي! توهان پنهنجي ئي ايم پي اي کي انصاف ڏيارائڻ ۾ ڪردار ادا ڇو نه ڪيو؟ اوهان ان اڪيلي نياڻي سان ڪيتري قدر اخلاقي طور گڏ بيٺا..؟ پنهنجي ئي حڪومت ۾ بي رحمي سان پنهنجن نياڻين جي آڏو قتل ٿيل ان ايم پي اي جي خون سان انصاف نه ٿيو! سماج کي ڪهڙو پيغام ملندو.؟ جنهن تي افضل سيال لکيو ته الله وٽ حساب ٿيندو، عاقب انصاري لکيو ته پاڪستان جو عدالتي نظام ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، زاهد حسين راڄپر لکيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد شهناز انصاري کي انصاف ڏنو وڃي، قاتل کي سزا ڏني وڃي، حاڪم انصاري لکيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد شهناز انصاري کي انصاف ڏنو وڃي، قاتل کي سزا ڏني وڃي، عبدالحنان ميمڻ لکيو ته پوءِ به سچ ڪون ٿا لکو، امداد سيال نواب لکيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد شهناز انصاري کي انصاف ڏنو وڃي. صدام بجير لکيو ته افسوس آهي ظالم آخر ڪيستائن اهو ظلم ڪندا رهندا، وحيد مراد لاشاري لکيو ته افسوس، انڌو انصاف جو نظام …سيد ضامن بخاري لکيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد شهناز انصاري کي انصاف ڏنو وڃي. عبدالسلام به افسوس جو اظهار ڪيو، شڪيل سومرو لکيو ته وڏو ناحق ظلم ٿيو آھي، ايم صالح سومرو لکيو ته ھن معاشري ۾ انصاف ڪونھي، الطاف سومرو لکيو ته الله پاڪ کان سواءِ ڪنهن انسان مان انصاف جي اميد رکڻ اجائي آهي، زوهيب ڀٽي لکيو ته  مظلومن کي انصاف نٿو ملي، ڊاڪٽر وفا امام انڙ، احمد شفيق افسوس جو اظهار ڪيو، رانا عمران به انصاف جو مطالبو ڪيو، سيد سرفراز به ردعمل ڏنو، نجم جتوئي لکيو ته ڪيڏي نه دردناڪ ۽ ڏکائيندڙ گھڙي آھي ، وڏو ناحق آھي، حسيب خان لکيو ته افسوس سندس نياڻين کي انصاف ڏنو وڃي، جاويد سومرو لکيو ته افسوس ادارن تي آهي جيڪي عوام کي تحفظ نٿا ڏئي سگهن، رزاق بجير لکيو ته انصاف نالي لفظ وڃي بچيو آھي.محمود احمد چانديو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، شميم سومرو ۽ منصور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته جتي اکين ڏٺيون شاهد ڌيئرون هجن سندن  اڳيان ماءُ قتل ٿئي. پوءِ قاتل ڦاسي تي چڙھڻ بجائي بري ٿين…اتي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو، جنهن تي نسرين الطاف لکيو ته بينظير ته اسلامي دنيا جي پهرين مسلمان وزيراعظم هئي ان کي انصاف نه مليو ته ٻئي ڪنهن کي ڪٿان انصاف ملندو؟ ذوالفقار علي سولنگي لکيو ته وڏي ۾ وڏيون نا انصافيون عدالتن ۾ ٿيون آھن، زاهد حسين ميمڻ لکيو ته اهو انصاف ڪافي آهي ته سوشل ميڊيا عوام جي عدالت جي تاريخ جون رڙيون دانهون ڪوڪون انصاف لاءِ پهچائي ڇڏيون، غلام شبير به راءِ جو اظهار ڪيو، جنسار سومرو لکيو ته افسوس قانون اکين ڏٺي شاهد جي شاهدي قبول نٿو ڪري، محمد حسن راهو لکيو ته انتھائي افسوس ٿيو اھڙو فيصلو ٻڌي شاھد ھوندي جوابدار بري الله ته ضرور انصاف ڪندو دير يا سوير، وقار ابراهيم راڄپر لکيو ته عدالتن ۾ انصاف هجي ته اڄ نوجوان قتل نه ٿين ها قاتلن کي ڇوٽ ڏني وڃي ٿي تڏھن سنڌ ۾ امن نه ٿو رهي، عبدالمجيد ويسر لکيو ته افسوس، انصاف جو نظام پنهنجي ساک وڃائي رھيو آھي، محمد خان مڱريو لکيو ته انصاف صرف الله وٽ آهي، الله تي رکو انصاف ٿيندو ، باقي ڪنھن مان به انصاف جي اميد نه رکو، شاهنواز سومرو لکيو ته خدا جو قسم ھن ملڪ ۾ رھڻ ئي ھاڻ توھين لڳي پيو، انھن کان ته انگريز ڀلا ھئا جن وٽ انسانيت جو اڃان سوڌو قدر آھي. مرحومه ايم پي اي شھناز جي ڊاڪٽر نياڻي جون آھون، دانھون، رڙيون ۽ اُڀ ڏاريندڙ ڪوڪون ھن مئل سماج ۾ ڪيھاٽ ضرور وجھنديون. علي محمد مهيسر لکيو ته ظلم آهي سراسر نياڻين سان، علي سومرو افسوس جو اظهار ڪيو، مير فدا حسين ٽالپر لکيو ته ھي پاڪستان ھتي انصاف گھرڻ وڏو ڏوھ آھي، جي ايم جيسر لکيو ته افسوس، انصاف وڪامجي ويو، جمال نوناري، مظهر گلشير پنهور به ڏک جو اظهار ڪيو، اياز احمد راڄپر لکيو ته انتهائي مايوس ڪندڙ فيصلو آهي، اعجاز پنهور به ڏک جو اظهار ڪيو، غلام لطيف رند لکيو ته هتي انصاف نه ملندو،  ھتي سڀ انڌا گونگا حڪمران آهن. عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستاني عدالتن کي  انصاف ڪرڻ جي  بنياد تي کين 130 نمبر ايئن ته ناهي مليو! اهڙين عدالتن کي  کلي ناانصافي وارن فيصلن باوجود به اڃان گهٽ نمبر مليو اٿن. اتي سٽنگ پ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري کي انصاف ڪيئن ملندو، اهي سندس نياڻيون ان ناانصافي واري مبني فيصلي تي پنهنجو مٿو ڇو نه ڦاڙي وجهن، جتي سندن سامهون، سندن جھولي ۾ سندن ماءُ جو خون ٿيو هجي ۽ قاتلن کي جهرڪي مارڻ جيتري به سزا نه ملي!!! فرحان سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالتن کان مٿانهان قتل بلڪل حل ناهي پر عدالتن پاران انصاف جي تڪڙي فراهمي نه ٿيڻ سبب اهڙي واقعن کي عوام پاران ساراهيو وڃي ٿو، نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل پ پ اڳواڻ شهناز انصاري جي قتل جو فيصلو هڪ جوابدار وقار کوکر کي 25 سال قيد جي سزا عورت جوابدار سميت 3 ڄڻا باعزت بري. شهناز انصاري جي ڌيءُ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فاطمه انصاري جو ٻين جوابدارن کي بري ڪرڻ خلاف عدالت ٻاهران رڙيون اوڇنگارون عدالت ٻاهران قيامت خيز منظر هئا. جنهن تي زوهيب سومرو لکيو ته عدالت جي اھڙن روين جي ڪري قبائلي جھيڙا ڪر کڻندا آھن،  فقير ثناءُ گنڃو افسو جو اظهار ڪيو، ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي، لکيو ته مقتول ايم پي اي شهناز انصاري جي نياڻي عدالتي فيصلو چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي عهدي تان استعيفا ڏني آهي، جنهن تي آزاد گهلو لکيو ته نياڻي سٺو قدم کنيو آھي پر طبقاتي سماج جو قانون به طبقاتي ئي ھوندو، بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ايم پي اي جي قاتلن کي به عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو. ناظم جوکيو جي قاتلن کي به خون معاف ٿي ويو. آڪاش انصاري جو ڪورٽن لاءِ چيل شعر سچ ثابت ٿيو آهي. غازي جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڌي ۽ ٻوڙي انصاف واري نظام خلاف هي آهون ۽ دانهون نوشهرو فيروز ۾ مارجي ويل ايم پي اي شهناز انصاري جي نياڻين جون دانهون آهن، جيڪي اڀ تائين اثرانداز ٿينديون پر اقتدار جا ڀاري برج تڏهن لڏندا جڏهن شخصي ۽ گروهي مفادن جي دائري ۾ قيد اسان جو سماج سجاڳ ٿيندو. مظفر ملڪ لکيو ته عدالتن جا فيصلا آھن مظلوم کي انصاف ملڻ تمام ڏکيو آهي، ضمير ڪوريجو لکيو ته وڏيون عدالتون مظلوم عوام سان نوٽيس وٺي انصاف ڪن، مختيار بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ انصاف نالي ڪا شي ئي ناهي، افسوس اصل قتل ۾ ملوث جوابدارن کي باعزت بري ڪرڻ تان ماڻهن جو عدالتن مان انصاف جي اميد به ختم ٿي وئي، ذڪا بليدي ۽ گلمير خاصخيلي ڏک جو اظهار ڪيو، حنيف سومرو لکيو ته سٺو فيصلو ناهي، سپريم ڪورٽ يا ھاءِ ڪورٽ کي فوري طور پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، جمال نوناري افسوس جو اظهار ڪيو، وقار ابراهيم راڄپر لکيو ته انصاف هجي ها ته روز نوجوان قتل نه ٿين ها، ڪاشي رضا ميمڻ لکيو ته قانون تي افسوس آهي، بابر چنا لکيو ته ھي ته پئسن وارا آھن. تڏھن به انصاف نه ٿيو انھن سان، غريبن جي ته ايف آءِ آر به داخل ناھي ٿيندي، حسن ٽڳڙ افسوس جو اظهار ڪيو، طارق حسين راڄپر لکيو ته پاڪستان ۾ انصاف ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، غني مجاهد لکيو ته افسوس، انڌي انصاف واري نظام تي ڇا لکجي، ارشاد علي چانڊيو به راءِ جو اظهار ڪيو، مصطفيٰ حارث، زاهد حسين شنباڻي به ردعمل ڏنو.