سڊني(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ تيز ترين ففٽي ٺاهيندڙ ٻيو پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان ڏکڻ آفريڪا خلاف جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي 20 بالن تي ففٽي اسڪور ڪيو، هن جي اننگز ۾ 4 ڇڪا ۽ 3 چوڪا به شامل هئا. شاداب خان جڏهن بيٽنگ تي آيو ته ان وقت پاڪستان 95 رنز تي 5 وڪيٽون وڃائي ويٺو هو. ان کان اڳ پاڪستان طرفان شعيب ملڪ 2021ع جي ورلڊ ڪپ ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف 18 بالن تي جڏهن ت عمر اڪمل آسٽريليا خلاف 2010ع ۾ 21 بالن تي ففٽي اسڪور ڪيو هو.