ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت ٿر  گرانٽس پاليسي هيٺ سيٽلمينٽ سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پهرين مرحلي ۾ ٿر جي ٻن تعلقن ڪلوئي ۽ اسلام ڪوٽ جي سيٽلمينٽ سروي ڪرائڻ  لاءِ سنڌ سرڪار پاران 11 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڪالهه سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاالله انڙ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٿر ۽ ڪاڇي جي ايم پي ايز راڻا همير سنگھه، شير محمد بلالاڻي، سيد صالح جيلاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٿر گرانٽ پاليسي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ ٿر جي 7 مان رڳو 2 تعلقن ڪلوئي ۽ اسلام ڪوٽ جي سيٽلمينٽ سروي ڪرائي ويندي.