ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ٺٽي ضلعي جي مڪلي ٽائون ڪاميٽي ۾ سال 2020 کان 2022ع دوران 26 غيرقانوني ڀرتين جو انڪشاف، ميرساڪرو ۽ مڪلي ۾ اڪائونٽ  کولرايا ويا، مڪاني کاتي پاران ڀرتين جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم، 26 شڪي ملازم رڪارڊ سميت طلب، ان ڏس ۾ مڪاني کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو هڪ ٻيو اسڪينڊل  سامهون اچي ويو آهي، سال 2020 کان 2022ع دوران  مڪلي ٽائون ڪاميٽي ۾ 26 ملازم بنا اشتهار جاري ٿيڻ ۽ بنا گنجائش جي ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ مڪاني کاتي جي اختيارين مڪلي ٽائون ڪاميٽي جي اختيارين کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته نعيم صديق، حيدر ڀٽو، دوست محمد، آصف علي، منصور شهباز علي، روشن حبيب، ساجد، محمد رحيم، الله پهرايو، عبدالغفار، بلاول ميرجت، ايوب جکرو، زاهد جکرو، شيراز علي، ياسمين ڪنول، زاهد بروهي، غلام قادر شورو، پرويز شورو، الله بخش، محمد شريف، عبدالصمد سمون، شجاعت علي، نظام الدين ملاح، ماجد علي ۽ سرفراز ميربحر  جي ڀرتين جو رڪارڊ، نوڪرين لاءِ جاري ٿيل اشتهار، بينڪ اسٽيٽمينٽ سميت ٻيو گھربل رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته انهن ملازمن کي 23 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ وضاحت لاءِ پيش ٿيڻ لاءِ به پابند بڻايو وڃي. ذريعن موجب ڄاڻايل 26 ملازمن مان 17 ملازمن جا بينڪ اڪائونٽ ٺٽي ۽ 9  ملازمن جا بينڪ اڪائونٽ ميرپور ساڪرو ۾ کليل آهي، هوڏانهن مڪاني کاتي سجاول جي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طارق ٻگھيو کي ٺٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي 18هين گريڊ واري عهدي تي مقرر ڪيو آهي.