ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  مان سانگھڙ واسي  جو  تشدد ٿيل ٻوري بند لاش هٿ آيو ، پوليس موجب قيوم آباد جي سي ايريا مان سانگهڙ واسي جو تشدد ٿيل ٻوري بند لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي محبوب پٽ لونگ خان طور ٿي. پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب ٻوري کي رت لڳل ڏسي شهرين مددگار 15 کي اطلاع ڏنو، مددگار 15 پوليس پهچي ٻوري کي کوليو ته لاش پيل هو، محبوب کي مٿي ۾ تيز ڌار وارو اوزار هڻي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري اڇلايو ويو،