ڪراچي: ٿر جو ڪوئلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ اينگرو کانپوءِ سائنو سنڌ پڻ درخواست ڏئي ڇڏي. سمري ۾ ڄاڻايل آهي ته اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران آڪٽوبر 2021ع کان لڪي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني کي ڪوئلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهي ڪمپني پاران وڌيڪ ڪوئلو پڻ  اينگرو ڪول مائننگ  ڪمپني روڊ رستي اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين آڻڻ جي درخواست ڪئي آهي، ساڳئي وقت سائينو سنڌ ڪمپني پڻ ڪوئلو وڪرو ڪرڻ لاءِ اجازت گهري آهي، انهي لاءِ روڊن جي تعمير ۽ مرمت بابت ڪيترائي ڀيرا گڏجاڻين ۾ گفتگو ٿي چڪي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي جي سنڌ ڪول اٿارٽي مشتاق سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيڪريٽري جي مليل خط جي روشني ۾ انهي تي عمل لاءِ انهن ٿرڪول جي انتظاميا کي لکي ڇڏيو آهي.