ڪراچي: ٿر ڪول سيس مان ملندڙ رقم مان 309 ملين جي لاڳت سان ٽي فائربرگيڊ اسٽيشنز قائم ٿينديون، سمري ۾ ڄاڻايو آهي ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي پاران 31 آگسٽ2022ع تي جاري ڪيل ليٽر مطابق فائربرگيڊ اسٽيشنز جي قائم ڪرڻ  لاءِ 309 ملين (30 ڪروڙ 90 لک) ۽ روڊن رستن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 96.20 ملين (9 ڪروڙ 62 لک) هر ٽن مهينن بعد خرچ ٿيندا، جڏهن ته انهي سيس جي رقم مان مرمت، تعميرات ۽ ريسڪيو لاءِ جوڳا انتظام ڪيا ويندا. رقم رکڻ لاءِ الڳ سان سنڌ ڪول اٿارٽي ٿر بلاڪس جي نالي تي بئنڪ اڪائونٽ پڻ کوليا ويندا.