رحيم يار خان(م ڊ) عدالت پنجاب اسيمبلي ۽ اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي اڳوڻي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪري ڇڏيو. محمد خان ڀٽي کي ڪالهه مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت اينٽي ڪرپشن پاران ٽن ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.