ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ٿرڙي محبت ۾ ڊيلي ويجز تي مقرر ٿيل مالهي ميجي ملاح ٽائون آفيسر ريحان لغاري خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي. ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته مان پنجن سالن کان ٽائون ڪاميٽي ۾ ڊيوٽي ڪئي  آهي پر گذريل نو مهينن کان منهنجون پگهارون بنان جواز  ٽائون آفيسر بند ڪري ڇڏيون آهن مان جڏهن هن کان پگهارن جي گهر ڪئي ته هن ٺپ انڪار ڪندي چيو ته مان توهان کي پگهار نٿو ڏئي سگهان توهان ڀلي ڪنهن کي به چئو هن وڌيڪ چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري منهنجي گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. خدارا مون غريب جون پگهارون جاري ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.