عثمان شاھ ھڙي( ن پ ا)رات دير سان عمرساند پوليس عثمان شاھ ھڙي ويجهو مين ٽنڊوآدم تي پنجاپ کان ٽنڊوالهيار  ايندڙ ٽرڪ نمبر E..7065 کي روڪي تلاشي ورتي، بسڪٽن جي کوکن ۾ پيڪ ٿيل 500 کان مٿي  منشات ۾ استمال ٿيندڙ سوپاري جي چوري جا ڪٽا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور مڦمد احمد لاشاري کي گرفتار مٿس منشات آيڪٽ تحت ڪيس داخل  ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کيس جيل آماڻي ڇڏيو.