غلام شاهه موري(ن پ ا) غلام شاهه موري لڳ  سم نالي 19 ايل جي مين موري تي نالي محمد رفيق ڇلگري جي ڪيبن مان 10 هزار روڪ رقم 4 زرعي دوائن جا ڪاٽون ۽ ٻيو سامان نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا, ڇلگري برادري جي ماڻھن  زاهد علي ڇلگري ،امين ڇلگري،شاهد ڇلگري،رجب علي ڇلگري، قربان علي ڇلگري ۽ٻين مطالبو ڪيو ته سندن چوري ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.