ٿرڙي محبت ( ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ منشيات فروش کي وائکو ڪندڙ صحافين خلاف اين سي داخل ڪرڻ تي صحافين احتجاج ڪيو.  صحافين جو چوڻ آهي ته ٿرڙي محبت ۾ منشيات وڪڻڻ جي الزام هيٺ پوليس ڪئيبن تي ڇاپو هنيو ڪوريج ڪندڙ صحافين کي  منشيات وڪڻندڙ جي ساٿين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون،صحافين ذوهيب کوسو ديدار بروهي خلاف ٿاڻي تي شڪايت ڪئي جن خلاف ڪارروائي بدران پوليس صحافين خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي، اڳواڻن آءِ جي کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.