ميرپوربٺورو (ن پ ا) 2000ع ۾ خوبصورت عمارت ۾ قائم ٿيندڙ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ميرپوربٺورو نوجوانن کي فني (ٽيڪنيڪل) تعليم فراھم ڪندڙ واحد ڪاليج آهي، جنهن ۾ اسٽاف سميت سهولتن جي کوٽ ختم ناهي ٿي سگهي. ويهن سالن مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ايڊمنسٽريٽر جو هڪ عهدو، سينيئر ڪلارڪ جا 2 عهدا، جونيئر ڪلرڪ هڪ، شاپ انسٽرڪٽر 2، شاپ اسسٽنٽ هڪ، اسٽور ڪيپر هڪ، جونيئر اسٽور ڪيپر جي هڪ عهدي تي ڪاليج جي قيام کان مقرري نه ٿي سگهي آهي ۽ ڄاڻايل عهدا ايس اين اي هئڻ باوجود خالي پيل آهن، جڏهن ته هر سال سوين شاگرد ڄاڻايل ڪاليج مان ڊپلوما ان ايسوسيئيٽ انجينئرنگ جي ڊگري حاصل ڪن ٿا،  رابطو ڪرڻ تي ڪاليج جي انسٽرڪٽر رميش ڪمار ٻڌايو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ميرپوربٺورو ۾ سول انجنيئرنگ ۾ ٽن سالن جو ڊپلوما ڪورس ڊپلوما ان ايسوسئيٽ انجنيئرنگ ڪرايو وڃي ٿو ۽ هلندڙ سال به 150 شاگردن جي داخلا آهي جن جا روزاني بنياد تي ڪلاس هلايا وڃن ٿا، هن ٻڌايو ته استادن ۽ عملي جي کوٽ باوجود شاگردن کي مڪمل طرح سان رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ٿي، هن ٻڌايو ته ڪاليج ۾ 23 انتظامي عهدن تي ڪاليج جي قيام کان وٺي مقرري ناهي ٿي سگهي، جنهن لاءِ اعلي عملدارن سان لکپڙهه ڪري کين آگاهه ڪيو آهي.