شهدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار): شھدادڪوٽ وٽان گذرندڙ آر بي او ڊي سم نالي کي گذريل ٻوڏ دوران لڳل گھارا بند نه ٿي سگهيا. حڪومت پاران برسات جي الرٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ شھدادڪوٽ ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آهي. ان حوالي سان شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر حسن  بروھي، سھري اتحاد جو صدر واحب پندراڻي، ايڊووڪيٽ يوسف مگسي، ايڊووڪيٽ وحيد ڀٽي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بلوچستان کان ايندڙ آر بي او ڊي سم نالو ٻوڏ جو پاڻي کڻي اچي ٿو جيڪو اسان جي شھر لاءِ وڏو خطرو آهي اسان جي ضلعي جا هاڻوڪي ٻوڏ ۾ به سوين ڳوٺ ٻڏي ويا گهڻن جو ته زمين تان نانءُ نشان ئي مٽجي ويو  آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آر بي او ڊي جي ڪيپيسٽي ھن وقت 600 ڪيوسڪ آهي ھن جي گنجائش وڌائي وڃي ان کانسواءِ 2022ع واري ٻوڏ دوران آر بي او ڊي کي لڳايل گهار به مڪمل طور تي بند ناهن ڪيا ويا، آر بي او ڊي سيف الله مگسي برانچ تي آر ڊي 124 کان اچي زيرو پوائنٽ وٽ شھدادڪوٽ ڊرين ۾ آرڊي 58 وٽ پوي ٿو ھن سم نالي جي ڪري شھدادڪوٽ  شھر کي مڪمل طور خطرو آهي شهرين اختيارين کان آر بي او ڊي ۾ پاڻي گذرڻ جي گنجائش وڌائڻ سان گڏ لڳل گهار مڪمل طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.