نصيرآباد( ن پ ا)  نصيرآباد ۾ بدامني خلاف شهري سراپا احتجاج، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو شهر ۾ امن امان جي خراب صورتهال خلاف  سليم سومرو، نثار سومرو ،فدا حسين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  وڏي انه ۾ شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڇتي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ انڊس هاءِ وي تي رنڊڪون وجهي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنھن ڪري لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم سومرو، نثار سومرو ۽ ٻين چيو ته 4 ڏينھن اڳ اسان جي گھر مان ن چور 6 لک 60 ھزار روڪ رقم ۽ اڍائي ٽولا سون کڻي فرار ٿي ويا ھئا، پيرين ۽ کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا اسلم شيخ جي گھر ۾ لڳا آهن، جنھن کي گرفتار ڪرڻ بعد ايس ايچ او نصيرآباد سياسي مداخلت ۽ رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته اسان کي ايس ايچ او چوي ٿو ته توهان جو چور اسلم آهي پر هن کي گرفتار نه پيو ڪري اسان ايس ايس پي قنمبر شھدادڪوٽ وٽ به دانھيو آهي پر تدارڪ نه ٿو ٿئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته اسلم شيخ کي گرفتار ڪري ايس ايچ او کي هٽايو وڃي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين