ٺٽو/ڪوٽڙي ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ / شوڪت ميمڻ) ٺٽي ضلعي ۾ مڪاني چونڊ دوران سيٽن جي ورهاست تي تعلقي ٺٽي جي 8 يونين ڪائونسلن جي اميدوارن پ پ جي ضلعي  قيادت ۽ تڪ جي ايم پي اي تي پنهنجا نوازي جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. انهن مقامي پارٽي قيادت کان بغاوت ڪري ٺٽي سمورين ڪوهستاني يوسين تي پنهنجا آزاد اميدوار بيهاري مڪاني چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  ان ڏس ۾ ڍڳي فارم ڀرسان کوسا هائوس ٺٽو تي ٺٽي تعلقي جي 8 يونين ڪائونسلن چليا ، سونڊا ، جھرڪ اونگر ،ٽنڊو حافظ شاھ ، صوف شورو ، ڄنگھڙي ۽ جھمپير سميت ڪوهستاني پٽي جي سمورن راڄن ، مختلف برادرين ۽ انهن جي چڱڻ مڙسن سوڌو هتان جي پ پ ڪارڪنن ۽ همدردن سان گڏ مڪاني چونڊ ۾ حصي وٺندڙ اميدوارن نياز حسين کوسو ، منور هيلايو ، قربان شوروا ، جهمپير جي اڳوڻي يوسي ناظم غلام رسول شورو ، فيصل ٻٻر ، نور احمد ٻٻر ، قادر شورو ، اصغر دل ، ۽ ٻين سڏايل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي پ پ ضلعي قيادت ۽ تڪ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر انهن ماڻهن کي مڪاني چونڊ ۾ حصي وٺڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون آهن جن ارباب دور ۾ جيالن خلاف چونڊ وڙهي هئي هنن چيو ته هو پراڻا سينيئر پ پ جا جيالا ۽ ڪارڪن توڙي اڳواڻ هجڻ سان گڏ ووٽر پڻ آهن پر پارٽي ضلعي قيادت هتان جي 8 يونين ڪائونسلن جي برادري جي ماڻهن ۽ پ پ جي ووٽرن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن واضح ڪندي چيو ته هو پ پ خلاف ناهن پر مقامي قيادت جي نظر انداز ڪرڻ سبب بغاوت ڪئي جنهنڪري هو مڪاني چونڊ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندا ٻئي پاسي پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ منور هيلايو پڻ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مڪاني چونڊ راڄن جي چونڊ آهي ان چونڊ ۾ راڄن جي چڱن مڙسن ۽ پارٽي جي همدردن کي نظر انداز ڪري انهن جي جاين تي ٻين کي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون ته ضرور راڄن جا چڱا مڙس ۽ مختلف برادريون اعتراض وارينديون.پارٽي قيادت توڙي تڪ جي نمائند اعتماد ۾ ناهي ورتو ۽ نه هن مهل تائين رابطو ڪيو آهي.