سڪرنڊ (ن پ ا) دانشور ۽ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳوڻي چيئرمين سيد منير شاهه ذاڪري چيو آهي ته منهنجي  چيئرميني وارو دور ڪيئن گذريو. ان تي بهتر راءِ سڪرنڊ جو عوام ئي ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هن ڀيري اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو منهنجو پنهنجو هو، هن ڀيري ٽائون ۾ پارٽي پاران ٽڪيٽن ڏيڻ ۾ انتهائي لاپرواهي کان ڪم ورتو ويو آهي. هن ڀيري خبر نه آهي ڪنهن جي پريشر تي قبضا گير ۽ منشيات جهڙي ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن کي پيپلز پارٽي ٽڪيٽ ڏني آهي، جيڪو سڪرنڊ جي عوام جي توهين ۽ پارٽي لاءِ شرمندگي جو باعث آهي. پ پ قيادت کي اهڙا فيصلا ڪندڙن خلاف قدم کڻڻ گهرجي.