ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ استادن  جي ڀرتين وارو معاملو، ڪراچي ڊويزن جي خالي پيل 3428 جاين جي رپورٽ سيڪريٽري تعليم حوالي، ان حوالي سان ڪالهه تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي صدارت  ۾ ڪراچي ڊويزن جي سمورن ڊي اِي اوز آفيسن جي عملدارن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل ضلعي عملدارن پاران ٽوٽل خالي جاين جو تعداد، جاري ٿيل آرڊرن ۽ بدستور خالي پيل جاين جي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وئي. سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايل رپورٽ موجب  ڪراچي ڊويزن ۾ پي ايس ٽيز جون 3 هزار 428 خالي جايون هيون، هن وقت تائين 1045 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، باقي 2333  جايون اڃا تائين خالي ظاهر ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب ته ويسٽ ضلعي ۾ پي ايس ٽي جون 234 خالي جايون آهن، 157 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا، 77 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا، ايسٽ ضلعي ۾ 452 خالي جايون آهن، جن مان 202 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا آهن،  250 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويندا، ڪياماڙي ضلعي ۾ 216 جايون خالي ظاهر ٿيون، 122 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا، 94 جايون اڃا خالي آهن، ڪورنگي ضلعي ۾ 574 خالي جاين جي تصديق ٿي، 221 آفر آرڊر جاري ٿيا، 303 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا. اهڙي طرح سائوٿ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 1255 خالي جاين جي تصديق ڪئي وئي، رڳو 157 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ٿي سگھيا، 1098 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته سينٽرل ضلعي ۾ 697 خالي جاين جي تصديق ڪئي وئي، 186 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا، 511 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي ڊي اِي اوز پاران خالي جاين بابت جمع ڪرايل رپورٽ ۾ غلط انگ اکر ڏنا ويا هئا، خالي پيل جاين تي گھرجون پوريون ڪندڙ اميدوارن کي جلد آفر آرڊر جاري ڪيا ويندا.