فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) پڪا چانگ ۾ بيواهه ناريءَ کي ڪارنهن تهمت هڻي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، سرڪار جي مدعيت ۾ مقتولا جي ٻن ڀائرن خلاف ڪيس داخل، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب پڪا چانگ جي محسن آباد ڪالونيءَ ۾ 30 ورهين جي فرزانا زال مرحوم عاشق لاشاري مبينا طور قتل ٿي وئي آهي. اهڙي اطلاع بعد فيض گنج پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن عورت کي زهر ڏئي قتل ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آهن. رپورٽ ملڻ بعد اصل حقيقت سامهون اچي سگهندي. مقتولا فرزانه جو مڙس عاشق لاشاري فوج ۾ ڊيوٽي دوران ڪجهه سال اڳ شهيد ٿي ويو هو. ناريءَ کي هڪ پٽ جو اولاد به آهي. فيض گنج پوليس قتل جي شڪ ۾ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي. ان سلسلي ۾ عورت جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته فيض گنج پوليس هڪ همراهه سامهون آندو آهي جنهن وٽ ڪوڙو نڪاح نامو ٻڌايو پيو وڃي. فوتگي به اسان جي ٿي آهي ته وري تهمت به اسان تي لڳائي پئي وڃي. هوڏانهن دير سان مليل اطلاعن موجب پڪا چانگ ۾ مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪيل عورت فرزانه لاشاريءَ جو ڪيس مقتولا جي ڀاءُ لياقت ۽ مامي خالد لاشاريءَ خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ سب انسپڪٽر غلام رسول شر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن فرزانه کي نوجوان عابد چانگ سان ڪارنهن الزام لڳائي قتل ڪيو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.