ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽو اڻلڀ، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، ريليون، ڌرڻا، خبر موجب حڪومت جي دعوائن باوجود سنڌ ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي جنهن ڪري اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيندو پيو وڃي، مهانگائي جي ماريل عوام جو احتجاج جاري آهي پر اختياريون ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن، سکر ۾ مختلف تنظيمن هيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊر آرگنائيزيشن، اسٽيپ فائونڊيشن ۽ جماعت اسلامي پاران مظاهرين شائسته کوسو، امجد علي لاشاري، حافظ زبير، سلطان لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي طرفان ٽئين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپور ۾ هيومن رائٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊر آرگنائيزيشن پاران مير خان پٺاڻ، امجد لاشاري، امتياز شاھ، عارب کوسو، امداد خميساڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جادو شاھ موڙ کان ريلي ڪڍي وئي، قمبر ۾ جماعت اسلامي طرفان مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھدادڪوٽ ۾ايس ٽي پي، بئريسٽر ٽيم ۽ جماعت اسلامي پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي حڪمرانن جي پتلي کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو، مٺي ۾ ايس ٽي پي ڪامريڊ گھنشام مالھي، ڏيوجي ڀيل، نگجي بناڻي ۽ لالا مھيش سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، رپڙي ۾ يونس آريجو، خالد گلال، ساجد آريجو نديم ڀٽ، رشيد ملاح، علي گل آريجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪرونڊيءَ ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ شھرين لعل بخش شر، نادر رند، حبدار علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، هڱورجا ۾سماجي تنظيم سمي سجاڳ يوٿ فورم پاران الفت سھتو، غلام حسين، رياض حسين، حق نواز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميروخان ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن اي سي آفيس کان عرضي ڀٽو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ٺل ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، محرابپور ۾ سماجي اڳواڻ عابد بگا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ نوشهروفيروز تائين پيادل مارچ روانو ٿي ويو، پيادل مارچ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ڪامريڊ ولايت نوناري سميت ٻيا شريڪ ٿيا، پيادل مارچ ھالاڻي پھتو، جتي سنڌي ادبي سنگت ۽ جسقم پاران فيصل کر، احسان چانڊيو، شاھنواز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شاندار آجيان ڪري مٿن گل ورکا ڪئي، ڀرياسٽي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شبير ميراڻي، ضمير سھتو، ڪاشف ميمڻ ۽ علي رضا سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جھول ۾ هيومن رائيٽس ۽ شھرين پاران لطف علي وساڻ، شبير حسين شاهه، منير احمد ابوپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنري ۾ پاڪستان ڪولهي اتحاد جي سڏ تي شهرين لالچند ڪولهي، پهلاج ڪولهي، ڀارمل مڪواڻو، نيم داس ڪولهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نصيرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شاهه لطيف پبلڪ پارڪ کان ارٿر موري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڀٽائي ڪالوني نوجوان اتحاد پاران سجاد چنا، محمد ٽڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.