ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ مختلف پولنگ اسٽيشنز تي هٿياربندن جا حملا، زوري ٺپا هڻڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان ڏس ۾ وارڊ نمبر 2 جي علي ولي الله اسڪول پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ بعد لطيفي آزاد پئنل جا 2 حمايتي زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل عاشق چانڊيو ۽ خان محمد چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جڏهن ته وارڊ نمبر 2، 3 ۽ 4 ۾ هٿياربندن بوٿن ۾ گهڙي جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪري پوليس کي ڌڪا ڏئي فرار ٿي ويا، ڀٽ شاھ جي اڪثر پولنگ اسٽيشن تي سمورو ڏينهن جهيڙا هلندا رهيا، سانگهڙ ضلعي سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهو مختلف گاڏين ۾ گشت ڪندا رهيا، وارڊ نمبر 1 تي لطيفي آزاد پئنل جي اميدوار امير علي بليدي پيپلزپارٽي اميدوار مٿان بيلٽ باڪس تبديل ڪرڻ جا الزام هڻندي احتجاج ڪيو، پيپلزپارٽي اميدوار سيد خاور حسين شاهه لطيفي جو چوڻ هو ته  لطيف آزاد پئنل جي اميدوار اسان جا بيلٽ پيپر ڦاڙيا آهن، اسان ڪا به ڌانڌلي نه ڪئي آهي، ڀٽ شاھ ۾ سمورو ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي جهيڙا ٿيندا رهيا، جنهن ڪري پولنگ جو سلسلو بند ٿي ويو، ٻي طرف ڀٽ شاھ ۾ لطيفي آزاد پئنل چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، ڌانڌلين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لطيفي آزاد پئنل جي سربراهه سيد گدا حسين شاهه لطيفي ، سيد فدا حسين شاهه لطيفي، سيد جراڙ شاھ لطيفي، ڊاڪٽر اياز علي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سيد گداحسين شاهه لطيفي ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ ضلعي مان هٿياربند گهرائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ بوٿن ۾ گهڙي جعلي ٺپا هنيا ويا آهن  اسان جا 2 حمايتي به زخمي ڪيا ويا، انتظاميا پيپلزپارٽي سان ڌر بڻيل رهي، اسان   چونڊ نتيجن کي رد ڪريون ٿا. وارڊ نمبر 1, 2, 3 ۽ 4 تي ٻيهر   آرمي ۽ رينجرز جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي.