سکر / لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان ڊيها واري علائقي ۾ ڪوهيڙي سبب روڊ حادثو، اليڪشن ڊيوٽيءَ تان واپس ايندڙ 2 ايڪسائيز اهلڪار فوت ٿي ويا،5 ڄڻا زخمي. مسافر ڪوچ ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو. تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڊيها ڀرسان سکر- شڪارپور روڊ تي مسافر ڪوچ، ٽرڪ ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڳڙهي ياسين واسي ايڪسائيز هيڊ ڪانسٽيبلز اهلڪار علي احمد شاهه ۽ سلطان ڪوٽ واسي اهلڪار غلام اڪبر چنو فوت ٿي ويا. واقعي بابت تماچاڻي پوليس ٻڌايو ته ڪوهيڙي سبب ڪراچي کان ايندڙ مسافر ڪوچ ۽ شڪارپور کان ايندڙ ڪوسٽر ۽ ٽرڪ سميت 4 گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويون، نتيجي ۾ ٻه اهلڪار فوت ٿي ويا. حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيل اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس چئني گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي. حادثي بعد ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا. جڏهن ته فوتي اهلڪارن جا لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. زخمين کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.