پٿورو (ن پ ا) پٿورو ۽ ان جي ڀرپاسي چوپائي مال ۾ بيماري سبب مالوند پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا. پٿورو شھر ۾ لکين رپين جي لاڳت سان ٺهيل وٽرنري اسپتال بي مالوندن لاءِ بي لاڀ بڻيل، اسپتال ۾ مقرر عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳو . پٿورو ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقي جي چوپائي مال ۾ وٽرنري عملي طرفان چوپائي مال ۾ وئڪسين نه ڪرڻ ڪري چوپائي مال ۾ ريجس، پاپڙ،ساماڙو، ڦڦڙي جهڙين بيمارين ڪر کنيو جنهن ڪري مالوندن جو چوپايو مال رڍون، ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون مري رھيون آھن. پٿورو شھر جي وٽرنري اسپتال ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي. پٿوري تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي مالوندن محمد دين سومرو، امجد ڪولاچي، لياقت نوھڙي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو چوپايو مال مري رھيون آهن اھڙيون شڪايتون ضلعي جي وٽرنري آفيسر کي پڻ ڏنيون آهن پر اسان غريب مالوندن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته وٽرنري اسپتال جي عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي مال کي ويڪسين ڪئي وڃي.