گمبٽ (ن پ ا) ڳوٺ وڏا ڀٽي جي رهواسين ايس ڊي او سيپڪو پاران ڳوٺاڻن سان بداخلاقي ڪرڻ خلاف سيپڪو آفيس گمبٽ جي گيٽ ٻاهران هڪ ڪلاڪ تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. ضمير ڀٽي، پرويز ڀٽي، انور علي ڀٽي، مختيار علي ڀٽي، غلام رضا ڀٽي، ارشاد علي جو چوڻ هو ته ايس ڊي او سيپڪو ۽ لائين مين ملي ڀڳت ڪري ڳوٺ وڏا ڀٽي جا پول بااثرن کي گھرن جي اندر هڻي ڏنا آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ سمورا ميٽر آهن ۽ غير قانوني طور بنا ميٽر واري هڪ گھر کي گھر اندر بجلي جا پول لڳائي ڏنا آهن. جيڪي اسڪيم ۾ به نه آهن. غلط پول لڳڻ جي ايس ڊي او سيپڪو ۽ لائين مين وٽ دانهڻ تي ڏمرجي پيا آهن ۽ آفيس ۾ بند ڪرائي وڙهڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بجلي جا پول ساڳئي هنڌ لڳائي بااثرن جي گھرن اندر لڳل پول هٽايا وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هوڏانهن ايس ڊي او سيپڪو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بجلي جا پول غلط لڳا آهن جن کي پٽرائڻ لاءِ لائين مين کي حڪم ڏنو آهي. قانوني طور پاس ٿيل نقشي تحت پول لڳائي ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو ويندو ۽ ڳوٺاڻن احتجاج ختم ڪيو آهي. سندن جا مطالبه تسليم ڪيا آهن.