مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان کاڻوٺ کاسائي اسٽاپ وٽ انڊس ھاء وي تي سيوھن کان حيدرآباد ويندڙ مھراڻ ڪار لاڙڪاڻي ويندڙ ڪار سان آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ مھراڻ ڪار سوار جيڪب آباد واسي ھڪ ئي خاندان جا پنج ڄڻا خمي ٿي پيا جن ۾ مسمات ليلا کوسو، اعجاز، منظور، علي رضا ۽ فھاد کوسو شامل آهن، جڏھن ته ٻي ڪرولا ڪار سوار ھڪ ڄڻو پڻ زخمي ٿي پيو، جنھن کانپوءِ مھراڻ ڪار سوار پنجن زخمين کي فوري طور تي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي مھراڻ ڪار سوار پنجن زخمين مان ھڪ عورت سميت ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.