حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روڊ حادثن دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. سول اسپتال جي سيڪيورٽي انچارج عادل خان جو چوڻ آهي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد اسريٰ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب الهه بخش نالي پوليس اهلڪار زخمي ٿيو آهي جڏهن ته قاسم چوڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ منور علي زخمي ٿيو. سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شيخ ڀرڪيو مان گنجير پٽ پرسو کي زخمي حالت ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي جنهن بابت وارثن جو چوڻ آهي ته هو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو هو. علاج لاءِ پهتل زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.