ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ ٽائون ملازمن پاران پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي خلاف آفيس کي تالا هڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيون ويو، ان موقعي تي اورنگزيب ابڙو، محمد اسحاق مگسي، اظهر گوپانگ، حسن سولنگي، دوست محمد تونيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽائون آفيس ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، ٽائون آفيسر ۽ اي سي پاران جاري ڪيل ن مهينن جي پگهارن مان 10 کان 20 هزار تائين ناجائز ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته ڊيوٽي ڪرڻ باوجود پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آهي، احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارن مان ڪٽوتي بند ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽائون آفيسر شڪيل وسطڙو ٻڌايو ته ٽائون ملازمن ٽوٽل پگهار هڪ ڪروڙ 22 لک آهي، جڏهن ته ٽائون جي ماهوار قسط 98 لک رپيا آهي، هن چيو ته ماهوار قسط جي حساب سان ملازمن جي پگهار ڪئي آهي، پئسا نه هوندا ته پوري پگهار ڪئين ٿيندي.