ڦل (ن پ ا) 30 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڦل شهر سهولتن جي اڻھوند سبب مسئلن جي ور چڙهيل، شھر ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب علائقي واسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. شھر جي چوڌاري سم هجڻ سبب هزارين ايڪڙ زمينون تباهه و برباد ٿي ويون، شهر ڀرسان قائم ڳوٺ بچل ڦل، حاجي راهو ڦل، هوتي ڦل، ابڙاهو، صادق آباد ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ سم جي لپيٽ ۾ آھن، ڳوٺن جا ڳوٺ مڪمل تباهه ٿي ويا آھن سم جي ڪري زمينون بنجر ٿي ويون آھن ۽ ڳوٺن جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ڦل شھر ۽ ٻين شھرن ڏانهن هليا ويا. جڏهن ته 50 هزارن کان مٿي آبادي رکندڙ يوسي ڦل کي اڃا تائين ٽائون جو درجو نه ملي سگهيو آھي جنهن سبب يوسي ۾ ترقياتي ڪم به نه ٿي سگهيا آھن. هوڏانهن گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم ۽ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي عمارت جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويا آھن جڏهن ته گورنمينٽ اسڪول غلام حسين سومرو جي عمارت مڪمل زبون ٿي وئي آھي چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي، گورنمينٽ اسڪول ڇٽل رند جي عمارت ٺهيل ئي نه آھي ٻارڙا کلي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آھن. ٻئي طرف پبلڪ هيلٿ کاتي جا کوهه بلڪل ناڪاره بڻيل آھن جنهن سبب ڊرينيج جو نظام ناڪاره هجڻ ڪري سڄو شھر بدبوءِ ۾ وٺجي ويو آھي يوسي طرفان صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري سڄو شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آھي، روڊ رستن تي گندو پاڻي بيهڻ معمول بڻيل آهي. ڦل شھر جي قديمي قبرستان کي هن مهل تائين چؤديواري نه ملڻ سبب قبرن جي بيحرمتي ٿيڻ لڳي ڦل شھر جي جر جي پاڻي ۾ سنکيو ملي وڃڻ جي ڪري خراب ٿي ويو آھي جنهن جي ڪري هتان جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن ھتان جي ساڃاهه وند ماڻھن سگا اڳواڻ پروفيسر بخش علي چانڊيو، راجا عبدالرزاق ملاح، غلام مرتضيٰ ڦل، پروفيسر رياض احمد چانڊيو ۽ ٻين سنڌ وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڦل شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ شھري ووٽ جو بائيڪاٽ ڪندا.