فيض گنج (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدارن کي ڏيڍ ڪروڙ رهتون نه ملڻ ٺيڪيدارن لطف شر، نعيم پٺاڻ، حاڪم راڄپر، نظام الدين سهتو، هدايت خاصخيلي، خدا بخش راڄپر اي سي آفيس اڳيان علامتي بک هڙتال جاري رکي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ اندر مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا پئسا نه ٿا ڏنا وڃن. هنن الزام لڳائيندي چيو ته ٽائون آفيسر الاهي بخش سيال صوبائي وزير سهيل انور سيال جو ويجهو مائٽ آهي، جيڪو پئسا گهرڻ تان ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن چيوته روزانه ڪوڙا دلاسا ڏئي آفيس گهرائي واپس ڪيو وڃي ٿو هنن چيوته قرضين ايترو تنگ ڪري رهيا آهن جو اسان گهرن ۾َ رهڻ ئي ڇڏي ويا آهيون. جيڪڏهن اڄ تائين پئسا نه مليا ته ٽي ٺيڪيدار لطف شر حاڪم راڄپر ۽ نظام الدين سهتو پاڻ کي باهه ڏيندا، جنهن جي ذميوار ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ انتظاميا هوندي. ان سلسلي ۾ ٽائون آفيسر الاهي بخش سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٺيڪيدارن جا پئسا چيئرمينن جي دور جا رهيل آهن. رهيل پئسا ٺيڪيدارن کي ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي آهي ٺيڪيدارن جي ڪيل ڪمن جي ويري فڪيشن ڪرائي رهيا آهيون جن ٺيڪيدارن ڪم ڪرايا آهن انهن کي پيسا ڏينداسين.