اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم رڳو ٻن پارٽيز جو اتحاد آهي، نواز ليگ ۽ فضل الرحمان کان سواءِ اتحاد ۾ ٻيون پارٽيز نظر نه ٿيون اچن، ٻن پارٽيز جو اتحاد ايئن ئي گوڙ ڪندو رهندو، پي ڊي ايم ختم ٿي وئي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس هن وڌيڪ چيو ته صحافي اسد طور جي ڪيس ۾ حقيقت تائين پهچي وينداسين، نادرا، ايف آءِ اي ۽ پوليس گڏجي جاچ ڪري رهيون آهن، وڊيو ۾ نظر آيل ٽن مان هڪ ماڻهو جِي سڃاڻپ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، جوابدارن تائين نه پهچي سگهياسين ته اشتهار جاري ڪيو ويندو، ڪجهه ماڻهو پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ حساس ايجنسيز تي بنا جواز الزام هڻي رهيا آهن، شيخ رشيد چيو ته نُون مان شين ليگ نڪرڻ واري بيان تي ٺٺول ڪئي ويندي هئي، هاڻي سڀني کي نظر اچي پيو ته شين ليگ نڪري چڪي آهي