ڪوئيٽا (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور هيڊڪوارٽر ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف چيو ته دهشتگردن کي امن امان جون ڪوششون تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان هر ممڪن تعاون جاري رکيو ويندو،