ڪراچي (رپورٽ : دودو چانڊيو ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪورونا لاڪ ڊائون واري معاملي تي ايم ڪيو ايم جي احتجاج سبب جمعي تائين ملتوي ٿي ويو، ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته متحده ميمبر پلي ڪارڊ کڻي ايوان ۾ آيا، هنن احتجاج ڪندي چيو ته ڪورونا لاڪ ڊائون جي نالي ۾ ڪراچي حيدرآباد اندر صرف اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ دڪان بند ڪرايا پيا وڃن، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين اسپيڪر سان مخاطب ٿي چيو ته ڪورونا ايس او پيز جي نالي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي اندر ڪاروبار بند ڪرائي ماڻهن کي بک ماريو پيو وڃي، ان ڪري مون کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي، اسپيڪر پاران اجازت نه ڏيڻ تي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر پڻ اٿي بيٺا، انهن پڻ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏنو، ان موقعي تي ايوان اندر گوڙ شروع ٿيو، اسپيڪر گوڙ وڌڻ بعد اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر خانگي ميمبر ڊي هجڻ باوجود ايم ڪيو ايم کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو، جيڪا غلط روايت آهي، هن چيو ته پاڻي جو مسئلو به اهم آهي پر ان سان گڏ ڪورونا جو مسئلو به اهم آهي، ڪورونا سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جا رهواسي تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن، لاڪ ڊائون جي بهاني سان ٻهراڙي جي علائقن مان شهرن ۾ مقرر ٿيل پوليس اهلڪار شهرين کي تنگ ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪورونا جو بهانو ڪري شهرين کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي. ڪورونا جي حوالي سان عمران خان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ مڃتا ملي آهي.