پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 25 جنوري تي طلب، عدم اعتماد تحريڪ سميت ٻين آپشنز تي غور ٿيندو

0
257

اسلام آباد: حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي ٻن اهم اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي

ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ اسان ان کان وڌيڪ نااهل حڪومت ڪڏهن به ناهي ڏٺي. وقت اچي ويو آهي ته هن حڪومت کان نجات لاءِ هر قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪجي.  هن چيو ته 25 جنوري تي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ سميت سمورن آپشنز تي غور ڪيو ويندو

ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 23 مارچ جو مهانگائي مارچ انقلابي قدم هوندو. حڪومت جي اتحادين کي به اپيل آهي ته هو ڏسن ته ڇا ٿي رهيو آهي

فضل الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ گهربل نتيجن لاءِ هنگامي بنيادن تي نوان ماڻهو ڀرتي ڪيا پيا وڃن، اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جي غلامي نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان اڀرندو، حڪومت کي عوام جي ڪا به خبر ناهي، عالمي ادارن جي دلچسپي عزيز آهي

موجوده صورتحال ۾ 23 مارچ جو لانگ مارچ به وڌيڪ اڻٽر ٿي ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته عوام پنهنجي حقن لاءِ سڌو سنئون وڙهندو، PDM ان جي اڳواڻي ڪندي عوام جو آواز بڻجندي.هن چيو ته 5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ حاڪل کان ڊيرا اسماعيل خان تائين ريلي ڪڍي ويندي، پي ڊي ايم جي هن اجلاس ۾ حڪومت خلاف قدمن تي غور ڪيو ويندو

ھي بھ پڙھندا

پي ڊي ايم پاران اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو، استعيفائن تي اتفاق نه ٿي سگهيو