وڊيو مزي لاءِ ٺاهي، ايف آءِ اي شوق سان انڪوائري ڪري: حريم شاهه

0
357
وڊيو مزي لاءِ ٺاهي
وڊيو مزي لاءِ ٺاهي، ايف آءِ اي شوق سان انڪوائري ڪري: حريم شاهه

ڪراچي: ايف آءِ اي پاران ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي رقم پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ٺاهيل وڊيو جو نوٽيس وٺڻ بعد حريم شاهه جو موقف سامهون اچي ويو آهي

حريم شاهه جو چوڻ هو ته مون اھا ويڊيو مزي لاء ٺاھي ھئي، مان پاڪستان مان ڪي به پئسا پرڏيھه نه کڻي آئي آھيان، مون وٽ ڪي به غيرقانوني پئسا ناھن، مون وٽ ھر شيءِ جا ثبوت آھن

حريم شاھ چيو ته ايف آئي اي ڀلي شوق سان انڪوائري ڪري، آئون ھينئر آمريڪا ۾ ترسيل آھيان، منھنجي ڀيڻ پنھنجي ڪار کپائي ھئي ان کي جيڪا روڪ رقم ملي انھن پئسن سان مان صرف فن ڪرڻ لاء ٽڪ ٽاڪ تي ويڊيو ٺاھي.

ھي بھ پڙھندا

ايف آءِ اي پاران ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع