ناظم جوکيو قتل ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ تي جوابدار عدالت مان فرار

0
419
شهيد ناظم جوکيو قتل

ملير(رپورٽر) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿي ويا، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دوران جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ماڊل ڪورٽ کي دهشتگردي جو ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي

جوابدارن جي وڪيل چيو ته پوليس ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم شامل ناهن ڪيا، عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي

عدالت مان فرار ٿيل جوابدارن ۾ سليم سالار، محمد سومار، محمد اسحاق، دودو خان ​​۽ محمد خان جوکيو شامل آهن

ھي به پڙھندا

پ پ وارن ڪجهه نه ڪيو، ڄام عبدالڪريم تو ڪجهه نه ڪيو ته لِڪيو ڇو ويٺو آھين؟: شيرين جوکيو