ڪراچي: اليڪشن ڪميشن اليڪشن رولز جي خلاف ورزي تان پي ٽي آءِ جي 6 اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم نقوي، راجا اظهر، سعيد آفريدي، ملڪ شهزاد اعواڻ، بلاول غفار ۽ شاهنواز جدون ۽ نواز ليگ جي اقليتي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني کي تڪ مان ڪڍي ڇڏيو، هوڏانهن پ پ اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاهه ڪيو ته 50 ووٽرن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.