ڪراچي: اين اي 249 تي ننڍي چونڊ دوران ڪورونا ايس او پيز ڌوڙ ٿي ويون، بلديا ٽائون جي گورنمينٽ بوائز اسڪول ۾ واقع پولنگ اسٽيشن نمبر 109 جي پرزائيڊنگ آفيسر شعيب عالم منجهند 2 وڳي ئي فارم 45 تي مختلف اميدوارن جي ايجنٽن کان صحيح وٺي ڇڏي، اهِڙي اطلاع تي پي ايس پي جي اڳواڻ احسان صابر پهچي پوليس جي موجودگي ۾ پولنگ اسٽيشن جي وڊيو ٺاهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪئي وئي، هوڏانهن ننڍي چونڊ دوران ڪورونا ايس او پيز جي لتاڙ ڪندي ڪيترين ئي سياسي پارٽين جا ڪارڪن هجوم جي صورت ۾ پولنگ اسٽيشنن ويجهو قائم سندن پارٽي ڪيمپن تي موجود هئا، هوڏانهن پ پ اميدوار قادر مندو خيل پاڻ به ڪورنا ايس او پيز تي عمل کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ٽائيم نيو زسان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ سنڌ ۾ ڪورونا سبب ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميشن کي لکيو پر اليڪشن ملتوي نه ٿي، اڄ عوام کي ڪورونا وائرس لڳي ويو ته کيس به وائرس جي پرواهه ناهي، انهي ڪري هو ماسڪ نه پائيندو، هو بنا ماسڪ جي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿي صورتحال جو جائزو وٺندو رهيو، ڪٿي به کيس ماسڪ نه هجڻ باوجود روڪيو نه ويو.