ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم۽ اياز بروهي) ڪراچي جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 249 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ ۽ نواز ليگ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي، تڪ جي 276 مان 161 پولنگن جي ظاهر ٿيل نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي قادر خان ندوخيل 9876 ۽ نواز ليگ جي مفتاح اسماعيل 8554 ووٽ کنيا هئا، بندش پيل ٽي ايل پي جو اميدوار مفتي نظير احمد 8394 ووٽن سان ٽئين، پي ٽي آءِ جو امجد آفريدي 5518 چوٿين، پي ايس پي جو مصطفيٰ ڪمال پنجين ۽ ايم ڪيو ايم جو حافظ محمد مرسلين ڇهين نمبر تي هئا، ان کان اڳ سيڪيورٽي جي سخت انتظامن هيٺ صبح جو 8 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ شام پنج وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهي، اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا پاران خالي ڪيل قومي اسمبلي واري تڪ اين اي 249 تي ڪالهه ننڍي چونڊ ٿي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي قادر خان مندوخيل، نواز ليگ جي مفتاح اسماعيل، پي ٽي آءِ جي امجد آفريدي، پي ايس پي جي مصطفيٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم جي حافظ محمد مرسلين ۽ ٽي ايل پي جي اميدوار نظير احمد سميت مختلف سياسي پارٽين جي 12 ٽڪيٽ هولڊرن ۽ 18 آزاد اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو. تڪ ۾ 276 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري 3 لک 39 هزار 591 ووٽرن لاءِ ووٽ ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن پاران 92 حساس پولنگن ۽ 184 انتهائي حساس پولنگن جي سي سي ٽي ڪيميرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي وئي، چونڊ دوران سيڪيورٽي لاءِ پوليس جا 2800 ۽ رينجرز جا 1100 اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، ڪالهه اليڪشن دوران مختلف پارتين جي ڪارڪنن ۾ ڏنڊ چڪ ٿيڻ ۽ نعري بازي جا واقعا پيش آيا