شھدادپور (ن پ ا) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پاران وزير اعظم ۽ وفاقي ڪابينا بابت اهم انڪشافن بعد شھدادپور ۾ ھالا روڊ تي بشير ميمڻ جي المجتبيٰ گيهه جي فيڪٽري تي پاڪستان اسٽينڊر ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڇاپو هنيو ويو. ڇاپا مار ٽيم گيهه جي چڪاس سميت ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ فيڪٽري انتظاميا جو آهي ته ٽيم پاران فيڪٽري جي ڪاغذن جي چڪاس سان گڏ گيهه جي ڪوالٽي جي چڪاس پڻ ڪئي وئي آهي. انتظاميا موجب فيڪٽري ۾ ڪو به غير قانوني ڪم ناهي، ان حوالي سان اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ فيڪٽري تي ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس گيهه جي فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ويو آهي ۽ ٽيم پاران فيڪٽري جي لائيسنس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته فيڪٽري جو لائيسنس ري نيو ٿيل ناهي. بشير ميمڻ چيو ته ايتري عرصي ۾ هنن کي لائيسنس هاڻ ياد آئي آهي ۽ لائيسنس واري معاملي تي گذريل 8 مهينن کان ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي ۽ ڪورٽن مان انصاف جي اميد آهي. شھزاد اڪبر پاران ڏنل حرجاڻي جي نوٽيس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن جو ڪورٽ ۾ جواب ڏيندس. اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو ته ڇاپو انتقامي ڪارروائي ۾ هنيو ويوS يا نه ان بابت الله بهتر ڄاڻي ٿو.