اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان وفاقي جاچ اداري جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته بشير ميمڻ کي ڪڏهن به فائز عيسيٰ جي ڪيس ٺاهڻ يا جاچ جي لاءِ ناهي چيو. اهڙن خيالن جو اظهار وزير اعظم عمران خان ٽي وي اينڪرز سان ٿيل ملاقات ۾ ڪيو. عمران خان چيو ته بشير ميمڻ صرف اومني گروپ جي گڏيل جاچ ڪاميٽي ۾ اڳڀرائي تي بريف ڪندو هو، ريفرنس فائل ڪرڻ جو ڪم ته بشير ميمڻ جو هو ئي نه ته کيس ڇو چوندس؟ بشير ميمڻ کي خواجا آصف جي اقامي واري معاملي تي جاچ لاءِ چيو هو. سندس چوڻ هو ته بشير ميمڻ جا سمورا الزام حقيقت جي ابتڙ آهن، هن کي ڪڏهن خاتون اول جي تصوير جي معاملي ۾ مريم نواز تي دهشتگردي جو ڪيس ٺاهڻ جو نه چيو، نه ئي هن کي ڪڏهن مريم نواز، نواز ليگ يا پيپلز پارٽي جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو چيو. وزير اعظم چيو ته بشير ميمڻ کي خواجا آصف جي اقامي واري معاملي تي ضرور چيو هو ته جاچ ڪريو ته اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو پرڏيهي وزير ۽ بچاءَ وارو وزير هوندي پرڏيهي اقامو ۽ پگهار وٺندو هجي؟ هن ٻڌايو ته خواجا آصف ڪيس جي جاچ جو فيصلو به ڪابينا اجلاس ۾ ڪيو ويو هو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي هٽايو ناهي، ابو بڪر خدا بخش هن سان گڏ هوندو. جهانگير ترين بابت پڇيل سوال تي عمران خان چيو ته جهانگير ترين معاملي جي جاچ ضرور ٿيندي، احتساب تان پوئتي نه ٿا هٽي سگهون، چاهي پارٽي اڳواڻ جهانگير ترين ڇو نه هجي، جهانگير ترين جي معاملي تي ملاقات ڪندڙ وفد جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو چيو، حڪومت فيصلو ڪيو ته جهانگير جو معاملو بيريسٽر علي ظفر ڏسندو ۽ يقيني بڻائيندو ته جهانگير ترين کي ناجائز نشانو نه بڻايو وڃي.