اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم ۾ واپسي جي خواهشمند آهي، چونڊ سڌارن لاءِ قومي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن جو پلڙو ڀاري هجي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ اتحاد جا دروازا کليل آهن، جيڪي وضاحتون طلب ڪيون اهي ڏنيون وڃن ته مامرا اڳتي وڌندا، پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس اچي اسان جو موقف تسليم ڪري ٿي ته اسان سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اپوزيشن ليڊر کي به تسليم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اپوزيشن جون ٻئي وڏيون پارٽيون استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي پي ڊي ايم جي عهدن تان ڏنل استعيفائون منظور ناهن ڪيون، پيپلزپارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس اچڻ جي خواهشمند آهي، اسان جي شرط تي سوچ ويچار سبب دير ٿي ڪري رهي آهي پر پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي لاءِ پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي، هن چيو ته پي ڊي ايم برقرار آهي ۽ عيد بعد ان جو سربراهي اجلاس طلب ڪيو ويندو ۽ ڀرپور عوامي رابطا مهم هلائي ويندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته عوامي نيشنل پارٽي به اپوزيشن ليڊر لاءِ باپ کان ووٽ وٺڻ تي پيپلزپارٽي کان ناراض آهي پر عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت کي ڪنهن دٻاءُ سبب پي ڊي ايم کان عليحدگي جو اعلان ڪرڻو پيو، فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ نواز ليگ جي قيادت هاڻي شهباز شريف ڪندو، موجوده پارليامينٽ ۾ ان هائوس تبديلي جو ڪو آپشن ناهي پر چونڊ سڌارن لاءِ اهڙي قومي حڪومت جي قيام جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي، فضل الرحمان چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين 2018ع جي چونڊن کانپوءِ منهنجو اسيمبلين ۾ حلف نه وٺڻ جو مطالبو نه مڃي پنهنجو نقصان ڪيو، جيڪڏهن مخالف ڌر جي پارٽين جا ميمبر ڪجهه عرصي لاءِ حلف نه کڻن ها ته مامرن جي نوعيت ڪجهه ٻي هجي ها. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت فيصلي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي عهدن تي رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي، فضل الرحمان چيو ته ڪشمير بابت ڀارت جي مقابلي ۾ اسان جي موقف ۾ مضبوطي تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن اسان معاشي طور تي مضبوط ٿينداسين، اسان جي فوج وٽ ويڙهه لاءِ بي پناهه طاقت موجود آهي ته اها اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، اسان ڀارت سان واپار جي حق ۾ آهيون.